اسلامي دنيا جو اڏورو خواب (شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي مزار جي زيارت )


ادا ذهيب توهان ڊرائيونگ تي ڌيان ڏيو مزار اسان پاڻهي ٿا ڳوليون ، رخمان ڀاءَ موبائل ڇڏيو في الحال ، مزار تي پهچي رپلاءِ ڪري وٺجو، منهنجي ڪُرڪُر دوستن کي بيزار ڪري وڌو هو مٿان وري سفر به ڊگهو .

اڙي رخو ٻڌين نه ٿو ڇڏ نه ڙي موبائل . فياض جي رڙ سنگت جا هينئان ئي لوڏي وڌا ، فياض ميمڻ سڌ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل آهن سندن آواز جو ڏهڪاءُ سنگت تي چڱو ڇانيل هوندو آهي ، مان اڪثر فارغ لمحن ۾ انهن وڪيل ڀائرن تي پيو ترس کائيندو آهيان جنين کي فياض ڀاءَ سان گڏجي ڪيس وڙهڻو پوندو هوندو . خبر ناهي ويچارا ڪيئن ڪندا هوندا ، شل خدا سڀنن جي حفاظت ڪري ، آمين

          ذهيب ڪاڪا نهايت ئي سنجيدگي سان ڊرائونگ ڪندو ٿي هليو پر مٿس ٻه ڏينهن جو اوجاڳو هيو ٿڪاوٽ به کيس گهڻي هئي تنهن ڪري ڊنا ويٺا هئا سون ته ڪٿي ننڊ جو اگر ذرو به جهٽڪو اچي ويو ته خوامخاه ۾ مٿي هليا ويندا سين مونکي وري به فڪر ذهيب ڪاڪا ۽ فياض جي هئي ذهيب ڪاڪا ڪي ٽي اين نيوز (  ) تي بزنس اينڪر آهي ڪم ڪارين ۾ مصروفيت ايتري اٿن جو اڃان تائين شادي لاءِ به وقت نه ڪڍي سگهيا آهن ، سوچيم خدا نه ڪري اگر ڪنوارو منهن مٿي کڻي وڃڻو پيو ته خبر ڇا حال ٿئي . اسان جون نيڪيون ته الله ٿو ڄاڻي پر اعمال نامن ۾ اگر شادي جو به ذڪر نه هجي ته پوءِ ڪيئن ٿا ڀائنيو ؟

ڳوليندي ڳوليندي نيٺ وڃي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي پهتا سين . مزار جو ڪم اڃان جاري آهي مزار شريف جي احاطي ۾ ڪجهه ڏورانهن هنڌن کان ايندڙ پانديئڙن لاءِ کاڌي پيتي لاءِ دڪانون ٺهيل هيون ،

ڪار مان لهي مقبري جي طرف وڌياسون ته پوليس روڪي ورتو ، چيائون ته اسان جو وڏو آفيسر بلوچستان مان آيل آهي پهرين هوءَ زيارت ڪندو پوءِ اوهين وڃجو……………….. تان جو پوليس جي گاڏين جوولر مزار جي احاطي کان ٻاهر نڪري روانو ٿيو .

          هاڻي اسانکي به اجازت ملي سفيد مقبري ۾ داخل ٿيندي ئي تلاشي ورتي ويئي اندر شهيد ذولفقار علي ڀٽو جنهن اسلامي دنيا جو تصور آڻي يهودين ۽ عيسائين جا ڏند ئي کٽا ڪري ڇڏيا هئا. جنهن مسلمانن جي حفاظت خاطر تمام مسلم ملڪن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .

جنهن عالمي اسلامي بئنڪ جو نظريو ڏنو .

جنهن پاڪستان کي الله جي مدد سان ايٽمي قوت بخشي .

اهو عظيم نقيب عظيم اڳواڻ شهيد ذولفقار علي ڀٽو نه صرف پنهنجي جان جي بلڪه پوري ڪٽنب جي قرباني .  اڄ ان سفيد مقبري هيٺ پنهنجي پياري پنڪي ( محترمه بينظير ڀٽو )  سندس زوجه بيگم نصرت ڀٽو ، ۽ سندس ٻن پٽن مير مرتضى ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو سميت آرامي آهي .

شل الله رب العزت سندس روح کي جنت الفردوس ۾ جايون ڏي . آمين

هوءَ پاڻ پتنگا  کامي   ويا  ۽     ڪيڏو  دور  اڏامي  ويا

پرتنهنجي منهجي ڏيئي ۾ هوءَ پنهجي جوت سموئي ويا

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s