سر الطاف شيخ سان ملاقات


عام رواج آهي ته ماڻهو هميشه ڪنهن سهڻي محفل ۾ عمده ڪپڙا پهري تيل سرمون لڳائي پوءِ ويندو آهي ، پر هتي
(ڪراچي ۾) ته وري رواج هي جدا آهي اڌ ڦاٽل پينٽ اجڙيل شرٽ ،مٿي تي سڻڀيون ڪريمون ، ڦڻي به ڪونه ڏين ۽ موٽر سائيڪل کڻيون نڪريو وڃن ، اهڙي مخلوق کي برگر سڏبو اها ڪراچي جي مختلف جڳهن تي نظر ايندي آهي مهنگن شاپنگ سينٽرز تي ، سمنڊ تي ، سينيما حالن ۾ ۽ پارڪن ۾ .
جيڪر توهان گهرو ته توهان  جي جڏهن ان مخلوق سان ملاقات ٿي ته هو به اوهان کي پنهنجهو ڀائين ته بس ادا وڏي جي پراڻي پتلون جنهن کي ڪوئن ڪتري ڦاڙي وڌو هجي ، سا اڻ ڌوتل پايو پر ڏسو خيال رکجو اها پتلون توهان جي چيلهه کان ٿوري ويڪري هجي ، ۽ اهڙي ئي هڪ ٽي شرٽ جو بندوبست به ڪري وٺو ، بس هاڻ جڏهن به انهن ڀائرن سان ملڻ لاءِ دل ڪري   تيار ٿي هليا وڃو .
پر خبردار جيڪڏهن ڪراچي (صدر) واري ايمپريس مارڪيٽ ۾ وڃڻ جو من ڪري ته غلطي سان به اڇا ڪپڙا پائي نه وڃجو نه تي واپسي ۾ ڪپڙن جو رنگ ئي ٻيو هوندو ، ان ڪري اسان جهڙو ڳوٺاڻو  ويچارو ته ڀاڄي وٺڻ لاءِ ننڍ مان اٿندي ئي هليو وڃي پوءِ جي رستي ۾ ڪا هوٽل کليل ڏٺي ته منهن ڌوئيندو ويندو  نه ته وري  واپسي ۾ اچي ڌوئبو.
سو اڄ به ائين ٿيو ننڊڙي ڀاڻيجي ساڻ ڪري سامان سيدو وٺي اڃان مارڪيٽ مان نڪتس ئي ته اچانڪ سر الطاف شيخ کي ڏٺم ڪيمرا هٿ ۾ کنيو هڪ دڪان جي تصوير وٺي رهيا هئا . مان ته ڪڏهن سوچي به نه ٿي سگهيس تو سر الطاف شيخ سان ملاقات ٿي سگهي ٿي .
سر اسلام عليڪم
مرڪندي ….. وعليڪم سلام…. توهانجو نالو؟
ميرفتح علي شاه ……
توهان ڪٿان جا آهيو ؟
سر مان عمرڪوٽ جو آهيان
اڇا ………. عمرڪوٽ ۾ رهندو آهي (ياد ناهي ته سر ڪنهن جو ذڪر ڪيو  في الوقت نالو وسري ويو آهي )
جي سر انهن جو ڳوٺ اتي آهي……………… سر توهان پاڪستان ڪڏهن آيا ؟
مونکي هفتو ٿيو آهي ،………………….  سٺو ٿيو توهان ملي ويا ، منهنجو هتي ڦوٽو ڪڊجو ،
جي سر
سر ڪئمرا مونکي ڏيندي لُڪيشن سمجهائي .
بعد ازان
(منهنجي ڀاڻيجي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيائون) هي توهان جي ڌيءَ آهي ؟
نو سر هي منهنجي ڀاڻيجي آهي .
اڇا توهان ڀيهو ته توهانجي به تصوير ڪڊان .

الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو مقام آهي پاڻ 75 کان  به وڌيڪ ڪتابن جا ليکڪ آهن ، تنهان سواءِ اخبارن ۾ ڪالم به لکندا رهندا آهن ، ڪجه عرصو پهرين جڏهن سر جاپان ۾ قيام پزير هئا ته سندن هر هفتي ڪالم پڙهڻ لاءِ ملندو هو ، جنهن ۾ اتي جي رهڻي ڪهڻي ۽ ماڻهن جي مزاج تي ٻڌل کوڙ معلومات شامل هوندي هئي ،  ۽ الحمدالله اڃان به لکڻ جو اهو سلسلو جاري و ساري آهي . ڌڻي در دعا آهي ، ته شل ٻاجهارو کين حياتي ۾ برڪت ڏي ، ته جيئن پاڻ به پنهجي قوم ۽ ادب جي خدمت ڪندا رهن . آمين ٿم آمين

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s